ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا هلندڙ سال ٿيندڙ لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) ملتوي ڪري ڇڏي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن سال لنڪا پريميئر ليگ نه ٿيندي، اهو فيصلو ورلڊ ڪپ جي تيارين تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، ايل پي ايل 2025 ڪنهن ٻي مناسب ونڊو ۾ ڪرائي ويندي.
واضح رهي ته ايل پي ايل 2025 امڪاني طور پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيڻي هئي.
آءِ سي سي گائيڊ لائنز موجب ورلڊ ڪپ لاءِ سمورا وينيوز زبردست حالت ۾ هجڻ لازمي آهن، ليگ ملتوي ڪرڻ جي فيصلي سان گرائونڊز انفرا اسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن ۾ مدد ملندي ته جيئن ميگا ايونٽ ڪاميابي سان ٿي سگهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب هن وقت 3 وينيوز تي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي، ڪولمبو ۾ وومينز ورلڊ ڪپ جي ميچن سبب ترقياتي ڪم روڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل طور ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيڻو آهي.
You might also like