ڪئناڊا ۾ مشهور ڀارتي راڳيءَ تي قاتلاڻو حملو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي پنجابي راڳي تيجي ڪالون قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پنجابي گلوڪار تيجي ڪالون تي ڪئناڊا ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي ذميواري ڀارتي گينگسٽر روهت گودرا گروپ قبول ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ پيغام ۾ جوابدارن الزام لڳايو آهي ته ”گلوڪار مخالف گروپن کي هٿيار ۽ رقم مهيا ڪندو رهيو آهي ۽ هو سندن مخبر پڻ آهي.“
جوابدارن پيغام ۾ چيو ته” اسان ڪئناڊا ۾ تيجي تي فائرنگ ڪئي، کيس پيٽ ۾ گولي لڳي آهي، جيڪڏهن هو سمجهي ويو ته ٺيڪ، ٻي صورت ۾ کيس ختم ڪري ڇڏينداسين. “
ڪينيڊين اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مقامي پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج، ثبوت ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان گڏ ڪري رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گلوڪار جي حالت ۽ ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري بابت اڃا تائين وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن آيا.
واضح رهي ته تيجي ڪالون جو سڀ کان مشهور گيت ”مِٺي جيل“ آهي، جيڪو 2019ع ۾ رليز ٿيو هو، جڏهن ته سندس ٻين مشهور گانن ۾ ”جهومر“، ”8 ڪتيان“، ”دو ڪلي“ ۽ ”ٽائيم چڪ دي“ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.