جج الڳ الڳ هجڻ جو تاثر ڏنو پيو وڃي، سڀني ججن کي تسليم ڪرڻو پوندو: جسٽس مندوخيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ 26هين آئيني ترميم خلاف ڪيس ۾ جسٽس شاهد بلال حسن ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪن ۽ اکيون بند ڪري ڪنهن کي رليف نٿا ڏئي سگهون.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ جي وڪيل خواجا احمد احسن دليلن ۾ اپيل ڪئي ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ واري 16 رڪني فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن بينچ ڪيس نٿي ٻڌي سگهي ته آرڊر ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟
جسٽس عائشا ملڪ ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 191 اي ۾ ڪا پابندي ناهي، هي پروسيجرل آرٽيڪلز آهن، اهي آرٽيڪل بينچن تي به پابندي لڳائيندا آهن پر سپريم ڪورٽ تي نه، اسان انهن آرٽيڪلز کي ائين پڙهي رهيا آهيون ڄڻ مڪمل طور پابندي لڳائيندا آهن.
جسٽس شاهد بلال حسن چيو ته توهان پنهنجي درخواست ذريعي مرڪزي رليف گهري رهيا آهيو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته وڪيل فل ڪورٽ گهري رهيا آهن پر ڪو طريقي ڪار نه پيو ٻڌائي، بينچ ۾ وڌيڪ جج شامل ڪرڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل وٽ آهي، اسان جج شامل نٿا ڪري سگهون.
جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته تاثر ڏنو پيو وڃي اسان الڳ جج ۽ ٻيا الڳ جج آهن، سڀني ججن کي تسليم ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي ججن جو ڪم آئين جو تحفظ ڪرڻ، آئين جو دفاع ڪرڻ ۽ آئين جي تشريح ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.