ماڻهن کي پيسا بينڪ ۾ رکڻ بدران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا آهن ته ماڻهن کي پيسا بينڪ ۾ رکڻ بدران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان چيو ته ڀارت ۾ ماڻهو ورهين کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي ماڻهن کي بينڪ ۾ پيسا رکڻ بدران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن.
ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپني جي وڪيل مرزا محمود احمد چيو ته اسان جنرل ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن بينڪن کان اوڌر وٺي انويسٽمينٽ ڪيون ٿا ته ٽيڪس ڏيڻ کانپوءِ نقصان ٿيندو آهي، اسان کان ايف بي آر سڌي ريت ٽيڪس نه پيو وٺي پر نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني ذريعي اسان ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون، اسان سپر ٽيڪس ۾ اچون ئي نٿا، اسان کي الڳ بلاڪ ۾ رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.