حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ وارو فيصلو سنڌ دشمن آهي ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اقليت تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 18 سالن کان مڙهيو ڪيو ويو آھي، اليڪشن نظام يرغمال آھي. سنڌ ۾ ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي من پسند فيصلا ورتا وڃن ٿا، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو به اختيار ناھي جو سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي، مختلف منصوبن جي نالن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪري، اياز لطيف پليجي چيو ته ايندڙ وقت وڌيڪ سنڌ سميت ملڪ لاءِ ڏکيو آھي، نااھل حڪمران آئي ايم ايف جي ايجنڊا تي ھلي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي جا طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. آئي ايم ايف جا مفاد اسان جي معيشت جي چيلھ ڀڃي رھيا آھن. اسان کي پنھنجي آزاد خودمختيار پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو.