سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رشوت وٺي نوجوانن کي پاس ڪري رهي آهي، حقيقي نوجوانن جو حق ماريو پيو وڃي، امداد شاھ هائوس مجيد ڪيريو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي شعور خاص ڪري نوجوان نسل جي دشمن آهي جيڪا ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڪرپشن ذريعي لکين روپيه رشوت وٺي پاس ڪري رهي آهي جنهن سان نه صرف ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي بلڪه سنڌ ۾ مايوسي واري فضا قائم ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي پبلڪ سروس ڪميشن خلاف آواز اٿارڻ وارن خلاف کين هيسايو ٿو وڃي ۽ مٿن ڪيس پڻ داخل ڪيا ٿا وڃن جنهن ۾ امداد سومرو سميت ڪئي صحافي به شامل آهن ان سموري انڌير نگري ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار شامل آهي، اسين پيپلز پارٽي کي انهن ئي حرڪتن سبب چوندا آهيون ته اها سنڌ دشمن پارٽي آهي جنهن سنڌ جي هر پاسي کان نقصان ڪيو آهي سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ڪرپشن واري روايت کي قائم رکيو ته سنڌ جو ايندڙ نسل پڙهائي ۽ محنت ڪرڻ بدران گهر ، زمينون ۽ ملڪيتون کپائي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندا.