اربين رپين جي درآمد روڪڻ لاءِ وفاق ڪڻڪ جو اگهه 42 سئو رپيا مڻ مقرر ڪري\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت وڌيڪ ضلعن ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪندي ۽ اي وي بسن جا نوان روٽ متعارف ڪرائيندي. سينئر وزير ڪراچي ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آپريشن ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن سينٽر جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو، جتي آفيسرن کيس آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جديد ترين سهولتن سان ليس آهي. هتان کان پيپلز بس سروس، گرين لائن ۽ اورينج لائن جي نگراني ڪئي ويندي آهي. پيپلز بس سروس حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڪاميابي سان هلي رهي آهي. اسان جو ارادو آهي ته هن سال ٽن کان چار ضلعن ۾ بس سروس شروع ڪئي وڃي. ان کان علاوه، اي وي بسن جا نوان روٽ متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهن کي بهتر سفري سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته هن سال ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس پڻ شروع ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري هميشه هارين ۽ آبادگارن جي حوصلا افزائي جي حق ۾ رهيو آهي. ڪجهه پاليسين يا آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري، هن سال ڪڻڪ جي سپورٽ قيمت مقرر نه ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي آهي ۽ اربين رپيا پرڏيهي مٽا سٽا ۾ خرچ ٿيندا. جيڪڏهن هاري کي ترغيب نه ملندي ته هو ڪڻڪ نه پوکيندو،هن وقت اسان کي اربين رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هميشه هارين کي ڪڻڪ جي امدادي قيمت ڏني آهي. هن چيو ته 2008 ۾، صدر آصف علي زرداري جي دور ۾، پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ بدران برآمد ڪرڻ شروع ڪئي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌي ۽ هاري خوشحال ٿين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾، هن چيو ته افغانين سميت غير قانوني پناهگيرن کي  ملڪ ۾ نه رهڻ گهرجي. پاڪستان ۾ غير قانوني افغان شهري واپس موڪليا پيا وڃن، انهن جون خالي ڪيل جڳهيون حڪومت جي ملڪيت آهن ۽ حڪومت انهن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي.

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ڪسان اتحاد پاڪستان جي چيئرمين خالد حسين حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪڻڪ جو سرڪاري ريٽ 4500 رپيا في مڻ مقرر نه ڪيو ويو، ته ملڪ جا آباگار ايندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوک نه ڪندا۔خالد حسين پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم طرفان ڪڻڪ جي خريداري جو 3500 رپيا في مڻ ريٽ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪسانن سان ظلم آهي، ڇو⁠ته  موجوده حالتن ۾ پوکي جي لاڳت 4000 کان 4500 رپيا في مڻ تائين پهچي چڪي آهي،هن چيو ته هاري  پنهنجي محنت جو جائز معاوضو گهري ٿو، خيرات نه،” جڏهن⁠ته ٻوڏ اڳ ئي هارين کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي گهٽ ريٽ ڏئي انهن تي وڌيڪ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڪمند جو اگهه 600 ۽ ڦٽي جو اگهه 12 هزار رپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي

  1. ڪڻڪ اگهه 35سئو رپيا مڻ مقرر ڪرڻ  آبادگارن سان ظلم آهي

ڪراچي(پ ر)ڪامريڊ امداد قاضي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل، ڪراچي ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀاڻ، بجلي، زرعي دوائون ۽ ڊيزل جنھن حساب سان مهانگيون ٿيون آهن ، زرعي جنسن جي قيمتن کي به ان جي مناسبت سان مقرر ڪيو وڃي ،ڪڻڪ اگهه 3500 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ آبادگارن سان ظلم آهي،گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار رپيا مڻ اگهه مقرر ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته بجلي، گئس جي مهانگي ٿيڻ ۽ ٽيڪسن جي غير مناسب نظام ملڪ جي صنعتن کي ته بند ڪرائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته بي زمين هارين کي به ‘بينظير هاري ڪارڊ’ ڏنو وڃي

  1. وفاقي ڪڻڪ پاليسي کانپوءِ ملڪ ۾ اٽي جي بحران جو خدشو

ڪراچي (شڪيل نائچ) وفاقي حڪومت پنهنجي من ماني ڪندي صوبن جي صلاح رد ڪندي ڪڻڪ پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ سرڪار ڪڻڪ اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر وفاق 35 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو. هاڻي آبادگار ڪڻڪ جي پوکي گهٽائيندا جنهن سان ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيندو ۽ اٽي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ گهرائيندي جنهن جو معيار خراب هوندو ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن کي چڱي ڀلي ڪميشن به ملي پوندي. عوام کي خراب خوراڪ ملندي پر بابوئن کي فائدو ٿيندو، اهو ئي سبب آهي جو هو ان چڪر ۾ پيا آهن. سنڌ سرڪار ڪڻڪ پاليسي جي ڪاپي جو انتظار ڪري رهي آهي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته وفاق جو فيصلو مڃي وٺجي يا پنهنجي مرضي سان ڪڻڪ اگهه مقرر ڪجن.  وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ 12 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي يا جنهن کي ڪير به خريد نه ڪندو. ان سان بحران پيدا ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي اٽو مهانگو ملندو. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي اعلانيل ڪڻڪ پاليسي موجب اگهه 38 سئو رپيا رکيو ويو آهي پر ان اگهه تي به ڪڻڪ ناهي وڪرو ٿي رهي. نجي شعبي جي ذخيرا اندوزن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن، ۽ في مڻ تي اگهه وڌائي ڪڻڪ وڪرو ڪڍي رهيا آهن. حڪومت اهو واضح ناهي ڪيو ته نجي شعبي کي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي يا نه هوندي. سنڌ حڪومت نجي شعبي کي ڪڻڪ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي.

  1. ڪڻڪ جي امدادي اگهه بابت وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار

لاهور (امداد سومرو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته هو پنهنجي وسيلن مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، هن هڪ سئو ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اڻپورو آهي ڇو ته ماڻهن جو نقصان وڌيڪ ٿيو آهي، ان رقم مان فصلن جو نقصان به پورو نه ٿيندو، گهرن جو نقصان ته پري جي ڳالهه آهي. صوبائي حڪومت جيان وزيراعظم کي به ان ۾ حصو وجهڻ گهرجي. وفاق 400 ارب رپين جي امداد ڪري وٺي ته بهتر ٿيندو. مريم نواز 2022 جي ڳالهه ڪئي ته ان دوران رينگٽ ڪيو ويو پر کيس سمجهڻ گهرجي ته 2022 واري ٻوڏ مها ٻوڏ هئي. 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا. سنڌ ۾ ٻوڏ نه آئي، ڪچي ۾ پاڻي آيو پر سنڌ حڪومت آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 56 ارب رپيا رکيا. 25 هزار في ايڪڙ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ڏنا پيا وڃن. اهو هڪ سٺو مقابلو ٿي رهيو آهي. سي اي سي جي فيصلي موجب سنڌ جي خوراڪ واري وزير محمد بخش مهر چيو ته 4200 رپيا ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪئي وڃي. ٻئي پاسي وفاقي حڪومت 3500 سئو رپيا ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪئي. شرجيل ميمڻ کان پريس ڪانفرنس دوران اهڙو سوال ٿيو. هن سرڪاري اگهه کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته اگهه 4200 رپيا مقرر ڪيو وڃي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4200 رپيا مقرر ڪندي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪڻڪ جي في مڻ امدادي اگهه بابت تڪرار پيدا ٿي پيو آهي. سنڌ حڪومت جو ضد آهي ته اگهه 42 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي پر وفاق 35 سئو رپيا مقرر ڪيو هو. ذريعن موجب سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي لاءِ ڪڻڪ جو اگهه 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪندي. ٻئي پاسي مريم نواز جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوششن ۽ ڪڻڪ واري معاملي جو پاڻ ۾ تعلق نظر اچي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.