اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي ون ڊي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
شاهين آفريدي ڏکڻ آفريقا خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان جو ڪپتان هوندو، اها سيريز 4 کان 8 نومبر تائين فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
شاهين آفريدي جي مقرري جو فيصلو اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ سليڪشن ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.
You might also like