ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي فيڊريشن جي مسلمانن جي مذهبي انتظاميا مسجد نبوص صه جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالرحمان البعيجان کي اعليٰ ترين اعزاز عطا ڪري ڇڏيو.
اهو اعزاز کيس روس جي سرڪاري دوري دوران هڪ خاص تقريب ۾ پيش ڪيو ويو.
انتظاميا موجب شيخ عبدالله البعيجان کي اهو اعزاز اسلام ۽ مسلمان جي خدمت، دعوت ۽ رهنمائي جي ميدان ۾ سندس خدمتن ۽ مسجد نبوي صه جي منبر تان درست ديني فهم کي هٿي ڏيڻ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي.
You might also like