ڀارتي فوج سياست ۽ سياسي قيادت عسڪريت ۾ مصروف آهي: جنرل ساحر شمشاد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد چيو آهي ته ڀارتي فوج سياست، جڏهن ته ڀارتي سياسي قيادت عسڪريت ۾ مصروف آهي، پاڪستان رابطن جي بحالي ۽ ڪشمير سميت سڀني تڪرارن جو پرامن حل چاهي ٿو.
جنرل ساحر شمشاد نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد جي اهتمام هيٺ سمپوزيم جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان برابري جي بنياد تي ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ چاهي ٿو پر ان لاءِ ضروري آهي ته ڀارت به ان جو خواهشمند هجي، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ هڪ ٽياڪڙ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪنهن به ملڪ يا عالمي اداري ۽ تنظيم جي آجيان ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ڀارت خطي جو اهم ملڪ آهي پر ان جي تنگ نظري، انساني حقن جي پامالي، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ ٻيا رويا امن ۾ خلل وجهي رهيا آهن.
جنرل ساحر شمشاد وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن کي پناهه مليل آهي، طالبان رجيم انهن جي مدد جاري رکيو پئي اچي، ان صورتحال کي ڏسندي دنيا ۾ نائن اليون جهڙي هڪ ٻئي حادثي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ متوازن سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.