اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ غير قانوني طور رهندڙ 17 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.
اسلام آباد جي بري امام واري علائقي ۾ افغان شهرين جي موجودگي تي پوليس آپريشن ڪيو، جنهن دوران 17 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ترجمان موجب آپريشن ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن مزاحمت جي ڪوشش به ڪئي پر پوليس جي وڏي نفري ڪارروائي ڪندي سڀني کي قابو ۾ وٺي ڇڏيو.
گرفتار ڪيلن وٽ قانوني سفري يا رهائشي دستاويز موجود نه هئا، جن کي ضروري ڪارروائي کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويندو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو.
You might also like