سنڌ ۾ نوڪريون ئي نوڪريون، نادرا وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) نوڪرين جو اعلان ڪري ڇڏيو، واڪ ان انٽرويو 3 نومبر 2025 کان شروع ٿيندا.
نادرا طرفان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 200 جونيئر ايگزيڪيوٽو (ڊيٽا انٽري آپريٽر) ڀرتي ڪيا ويندا، اهو قدم نادرا جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ شهرين جي سهولت لاءِ کنيو ويو آهي.
ڀرتي لاءِ تعليمي قابليت انٽرميڊئيٽ ۽ عمر جي حتمي حد 25 سال آهي، جڏهن ته واڪ ان انٽرويو 3 نومبر 2025 کان شروع ٿيندا.
نادرا وڏي انگ ۾ ڀرتين لاءِ پلاٽ پڻ خريد ڪري ورتا آهن، جتي ملازمن لاءِ آفيسون قائم ڪيون وينديون.
نادرا سنڌ جي جن ضلعن ۾ ڀرتيون ڪندي، انهن ۾ ڪراچي جا 5 ضلعا، ميرپورخاص، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، ٺٽو، سجاول شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.