اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هراساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب عورتن جي حق ۾ وڏو فيصلو ڪندي ويم جي موڪل دوران عورت کي نوڪري تان ڪڍڻ صنفي امتياز قرار ڏئي ڇڏيو.
فوسپا ويم جي موڪل دوران عورت کي نوڪري تان ڪڍڻ تي نجي ڪمپني تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
هراساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب فوزيا وقار، زينب زهريٰ اعواڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.
فوسپا نجي ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 8 لک رپيا متاثر عورت کي معاوضي طور ادا ڪيا وڃن، جڏهن ته 2 لک رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا وڃن.
فوسپا زينب زهريٰ جي برطرفي ڪالعدم قرار ڏئي کيس ملازمت تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
وفاقي محتسب فوزيا وقار چيو ته ماءُ بڻجڻ ڪنهن به عورت جي ڪيريئر لاءِ رنڊڪ نه هجڻ گهرجي، ويم دوران نوڪري جو تحفظ عورتن جو بنيادي حق آهي.
واضح رهي ته زينب زهرا اعواڻ کي ويم جي موڪل دوران ملازمت تان هٽايو ويو هو.
Prev Post
You might also like