تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي ۽ صلاحڪار جيرڊ ڪُشنر ۽ وچ اوڀر لاءِ خاص ايلچي اسٽيـو وِٽڪوف اسرائيل پهچي ويا آهن.
ٻئي اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ملاقات ڪندا، ملاقات ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي ونس به شرڪت ڪندو، جيڪو اڱاري تي اسرائيل پهچندو.
آمريڪي ۽ اسرائيلي ميڊيا جي ذريعن موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي سلسلي ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي ونس اڱاري تي اسرائيل جو دورو ڪندو.
نيوز نيشن جي رپورٽ موجب، آمريڪي انتظاميا هاڻي صدر ٽرمپ جي غزا ۾ امن لاءِ 20 نقاطي منصوبي جي ٻي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ چاهي ٿي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جي ڊي ونس اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ان دوري دوران اهو به امڪان آهي ته جي ڊي ونس غزا پٽي ۾ هڪ امدادي مرڪز جو دورو ڪري ۽ يرغمالين جي وارثن سان ملاقات ڪندو.