اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سون جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
واپار واري وزارت جي ذريعن موجب، سون جي واپار تي پابندي هٽائڻ لاءِ سمري اي سي سي ڏانهن موڪلي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال مئي ۾ سون جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.
ذريعن، موجب سون جي سمگلنگ جي شڪايتن تي درآمد ۽ برآمد تي پابندي لڳائي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ويجهڙائيءَ وارن مهينن دوران سون جي سمگلنگ بابت ڪا به شڪايت نه ملي آهي.
You might also like