ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو همناني ڏياري جي خوشي جي موقعي تي هندو برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ڏياري ملهائيندڙن لاءِ امن، خوشحالي ۽ خوشيءَ جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي،هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي روايت کي برقرار رکندي هن سال به هندو برادري لاءِ ڏياري جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڏياري جي موقعي تي سنڌ حڪومت مندرن، هندو برادري جي عبادتگاهن ۽ اجتماعن جي هنڌن تي فول پروف سيڪيورٽي انتظامات کي يقيني بڻايو آهي،هن چيو ته ڏياري فتح جو پيغام ڏئي ٿي، ۽ سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ به اهوئي اتحاد ۽ اميد جا قدر شامل آهن جن تي سنڌ فخر ڪري ٿي