اسلام آباد (م ڊ) دوحا ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ اهم ڳالهين کانپوءِ جنگ بندي جو معاهدو ٿيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي رد عمل ظاهر ڪندي، بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سرزمين تي دهشت گردي فوري طور تي بند ٿي ويندي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هاڻي هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا، جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي. هن اعلان ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا وفد 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻيهر ملندا جتي تفصيلي معاملن تي بحث ڪيو ويندو ته جيئن معاهدي جي نقطن کي اثرائتي طريقي سان لاڳو ڪري سگهجي. پنهنجي پيغام ۾، خواجه آصف قطر ۽ ترڪي جي رياست جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن برادر اسلامي ملڪن جي ٽياڪڙي ۽ ميزباني هن ڪامياب معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.