بيجنگ (م ڊ) چين آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي (NSA) تي الزام لڳايو آهي ته هن نيشنل ٽائيم سينٽر تي سائبر حملو ڪيو، جنهن سان حساس ڄاڻ چوري ڪئي وئي. چيني سيڪيورٽي وزارت موجب، 2022 ۾ هڪ غير ملڪي موبائل فون ڪمپني جي سسٽم ۾ ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي هي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته 2023 ۽ 2024 دوران پڻ ٽائيم سسٽم ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي. وزارت چيو ته آمريڪي حملن جا ثبوت موجود آهن، پر تفصيل ڏنا ويا. ٽائيم سينٽر چين جي معياري وقت جي فراهمي سان گڏ ڪيترن ئي اهم شعبي کي خدمتون مهيا ڪري ٿو. چين آمريڪا تي الزام لڳايو ته هو پاڻ حملن ۾ ملوث ٿي، ٻين تي الزام مڙهي ٿو.