سنڌ سميت ملڪ ۾ ٽماٽن جي قيمتن کي پر لڳي ويا، في ڪلو 600 رپين تائين وڪرو

اسلام آباد/ ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ ٽماٽن جي قيمتن کي پر لڳي ويا، اگهه ٻڌي شهرين جون دانهون نڪري ويون، مختلف شهرن ۾ شهرين ٽماٽا خريد ڪرڻ ڇڏي ڏنا، ٽماٽن جو في ڪلو 500 رپين تائين پهچي ويو، ڪجهه شهرن ۾ ته ٽماٽن جو في ڪلو 60 رپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو، ٽماٽن جي قيمت ٻڌي شهرين جا چهرا به ٽماٽن وانگر ڳاڙها ٿي ويا، رپورٽن موجب صرف 24 ڪلاڪن ۾ ٽماٽن جي قيمت 200 رپيا وڌي وئي، لاهور ۽ پشاور ۾ ٽماٽا 500 رپيا في ڪلو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 400 کان 500 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۽ گهٽين ۾ دڪاندار 600 رپين تائين ٽماٽا في ڪلو وڪرو ڪرڻ لڳا، اسلام آباد جي سستين مارڪيٽن ۾ ته ٽماٽا بلڪل ناياب ٿي ويا آهن، ڪوئيٽا ۾ به ٽماٽن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، جتي اندرون شهر ۾ 400 رپيا في ڪلو تائين قيمتون پهچي ويون، ڪراچي ۾ ٽماٽن جو في ڪلو اگهه 500 رپين کان وڌي ويو، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 450 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۽ گهٽين ۾ ٽماٽا 450 کان 550 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ڪيا پيا وڃن، دڪاندارن موجب افغانستان مان ٽماٽن جي آمد بند ٿيڻ ۽ پنجاب کان محدود سپلائي سبب قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، في الحال ڪراچي ۾ ٽماٽن جي 90 سيڪڙو گهرج ايراني ٽماٽن سان پوري ڪئي پئي وڃي پر اها به ناڪافي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ به ٽماٽي جي قيمتن کي پر لڳي ويا، مارڪيٽ ۾ ٽماٽو في ڪلو 500 روپيا وڪامجڻ لڳو، جنهن ڪري شهرين ٽماٽا خريد ڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏيا آهن، حيدرآباد جي شهرين لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته مهانگائي سبب سخت پريشان آهيون، حڪمرانن خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ٽماٽن جي هٿرادو قيمت وڌائيندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.