پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ايڇ ايس ون خلا ۾ روانو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪيو ويو.
هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ايڇ ايس ون چين مان خلا ۾ روانو ڪيو ويو آهي ۽ سپارڪو جي آفيس ۾ سيٽلائيٽ جي روانگي جا منظر ڏيکاريا ويا.
اسپارڪو ترجمان موجب پاڪستان جو اهو مشن قومي خلائي پاليسي ۽ ويزن 2047 جي هڪ اهم ڪاميابي آهي ۽ ايڇ ايس ون انفرا اسٽرڪچر ميپنگ ۽ شهري منصوبابندي لاءِ نوان دڳ کوليندو، جڏهن ته ان سان زرعي منصوبابندي ۽ ماحولياتي نگراني ۾ انقلاب اچڻ جي اميد آهي.
ترجمان چيو ته سيٽلائيٽ ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ۾ مدد ڏيندو ۽ ماحولياتي تبديلين ۽ زميني خطرن جي وقت سر نگراني ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ترجمان موجب سيٽلائيٽ اڄ ئي پنهنجي مخصوص مدار ۾ داخل ٿي ويندو، سيٽلائيٽ جي پنهنجي مدار ۾ ٽيسٽنگ کي ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا، ٻن مهينن کانپوءِ ايڇ ايس ون مڪمل طور فعال ٿي ويندو.
ترجمان ٻڌايو ته هلندڙ سال خلا ۾ موڪليل اهو پاڪستان جو ٽيون سيٽلائيٽ آهي، ان کان اڳ اي او ون ۽ ڪي ايس ون سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪليا ويا آهن ۽ ٻئي هن وقت خلا ۾ مڪمل طور فعال آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان جو خلائي پروگرام جديد ٽيڪنالاجي ۽ ايپليڪيشنز جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.