حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت افغان پناهگيرن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ سنجيدگي نه پئي ڏيکاري، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، گذريل 40 سالن کان سنڌ خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ لکين افغان پناهگير مستقل رهائش اختيار ڪري چڪا آهن، جنهن سبب نه رڳو سنڌ جو معاشرتي ۽ اقتصادي توازن بگڙيو آهي پر امن امان جي صورتحال به خراب ٿي آهي، ٻين صوبن مان افغاني پناهگيرن جي نيڪالي باوجود سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪو به موثر قدم نه کنيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻين صوبن مان ڪڍيل افغان پناهگير سنڌ ۾ اچي رهيا آهن، سنڌ حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ موجود افغان پناهگيرن جي مڪمل سروي ڪرائي ۽ انهن جي واپسي لاءِ عملي قدم کڻي، سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جو بار کڻڻ جي قابل ناهي، سنڌ جي وسيلا پاڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ به گهٽ پيا آهن.