بيجنگ (م ڊ) چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪرپشن الزامن تحت فوج جي 9 اعليٰ جرنيلن کي پارٽي ۽ فوج مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. چين جي بچاءَ واري وزارت موجب، انهن اعليٰ آفيسرن تي مالي بدعنواني جا سنگين الزام آهن. برطرف ڪيل آفيسرن ۾ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو وائس چيئرمين هي ويڊونگ ۽ راڪيٽ فورس جو ڪمانڊر وانگ هوبن به شامل آهن. هي قدم پارٽي جي ڪرپشن خلاف مهم جو حصو قرار ڏنو ويو آهي، پر تجزئي نگار ان کي سياسي ڪارروائي پڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ياد رهي ته ويڊونگ چين جي فوج ۾ ٻيون نمبر وڏي عهديدار حيثيت ۾ هو، ۽ آخري ڀيرو کيس مارچ ۾ ڏٺو ويو هو. بچاءَ واري وزارت مطابق، انهن آفيسرن تي پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ وڏي پئماني تي ڪرپشن جا الزام آهن.