ٻين صوبن مان نيڪالي ڏنل افغاني سنڌ ۾ آباد پيا ٿين:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڄام تماچي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ٻين صوبن مان نيڪالي ڏنل افغانين کي به سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، دادو، نوشهروفيروز ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي وڏيرن جي سرپرستي هيٺ افغانين کي آباد ڪيو پيو وڃي، ڪوٽڙي ۾ افغانين زمينن تي قبضا ڪري ڪالونيون قائم ڪيون آهن، انهن خلاف انتظاميا ڪاروائي نٿي ڪري. خانپور جا ميداني علائقا افغانين حوالي ڪيا ويا آهن، سنڌي مزدورن ۽ پورهيتن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي گهر اڏي رهڻ نٿو ڏنو وڃي، باقي افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي ڪراچي، خانپور، ڄامشورو، حيدرآباد، ڪوٽڙي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خالي پيل زمينن تي ڳوٺ آباد ڪري رهڻ جو پورو اختيار آهي، مختلف ڳوٺن مان پنهنجي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪمائي لاءِ ايندڙ سنڌي مزدورن کي ڪراچي ۾ پلاٽ ڏنا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.