لاهور(بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻاثناءُالله چيو آهي ته سٺن ۽ خراب طالبان” واري ٿيوري مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، دهشتگردي ۾ گڊ يا بيڊ جو فرق نٿو پوي ، يا ڪو دهشتگرد آهي يا ناهي۔لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جنگ ۾ پهل نه ڪندو ۽ نه ئي جارحيت تي ٻڌل پاليسي اختيار ڪندو۔هن زور ڏنو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ دهشتگردي خلاف واضح ۽ غير مبهم پاليسي تي قائم رهڻ ضروري آهي، ڇوتہ هاڻي ڪو به “گڊ يا بيڊ طالبان” وارو تصور قابل قبول نه رهيو آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪڏھن به ڪنھن سياسي جماعت تي پابندي جي حامي نه رهي، پر پنجاب حڪومت وفاق کي ھڪ مذهبي جماعت تي پابندي جي درخواست ڏني آھي. وفاقي ڪابينا پنجاب حڪومت جي درخواست تي فيصلو ڪندي،