اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ميمبر صاحبزادا محمد شبير جي ارسا چيئرمين طور استعيفيٰ منظور ڪئي وئي، جنهن بعد پنجاب جي ميمبر امجد سعيد کي نئون ارسا چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب امجد سعيد 18 آڪٽوبر کان هڪ سال لاءِ ارسا چيئرمين طور ذميواريون سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.