ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بدلائڻ جون تياريون، رضوان جي جاءِ ڪير والاريندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ 2027ع کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني ون ڊي ٽيم جي ڪپتانيءَ ۾ تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن تحت محمد رضوان کي هٽائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ورلڊڪپ 2027ع کي نظر ۾ رکندي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جي تبديليءَ جون خبرون زور پڪڙي رهيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وائيٽ بال هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن ڪپتان جي تبديليءَ وارو معاملو اٿاريو آهي.
ان حوالي سان پي سي بي جو چوڻ آهي ته مائڪ هيسن اجلاس سڏائڻ جي سفارش ڪندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي باظابطا خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن سفارش ڪئي آهي ته ڪپتان بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ سليڪشن ۽ صلاحڪاري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو وڃي.
ذريعن موجب، ٿنڪ ٽينڪ اڳ ۾ ئي ڪپتانيءَ جي تبديليءَ بابت شرورعاتي صلاح مشورا ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هڪ مضبوط اميدوار سان گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڳالهين جو سلسلو پڻ جاري آهي.
ذريعن موجب، مضبوط اميدوار ايندڙ ون ڊي ورلڊڪپ تائين مڪمل گارنٽي ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ فري هينڊ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن محمد رضوان کي هٽايو ويو ته بابر اعظم، سلمان آغا ۽ شاهين آفريدي اميدوارن ۾ شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بولر شاهين آفريدي کي فرنٽ رنر قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.