هيءَ ڳالهه ڀارت جي مشهور شاعر ۽ موسيقار، جاويد اختر، جي آهي، جيڪو چوندو آهي: "افغان عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ۽ ٻين بنيادي حقن جو سخت مخالف، طالبان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي، جنهن جي ڀارت ۾ جنهن شاندار نمونن سان سرڪاري آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ان تي منهنجو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آهي.” افغانستان تي قابض طالبان حڪومت جو پرڏيهي وزير، مولوي امير خان متقي، پنهنجي هڪ هفتي تي ٻڌل ڊگهي ڀارت ياترا 16 آڪٽوبر 2025 تي مڪمل ڪئي آهي. ممڪن آهي ته جڏهن هيءَ تحرير شايع ٿئي، تڏهن هو واپس افغانستان پهچي چڪو هجي. ڀارت ۾ متقي جي وڏي آڌرڀاءُ ۽ خاطرداري ڪئي وئي، خاص طور تي پاڪستان جي مخالفت ۾، ڀارتي حڪمرانن کيس لڏي لڏي پيار ڏنو ۽ سندس ناز نخرن کي به برداشت ڪيو. مثال طور، نئين دهليءَ ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران، جڏهن ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر ۽ طالبان وزير گڏجي ڳالهائڻا هئا، تڏهن امير متقي پنهنجي ڀارتي ميزبانن کي وڏائيءَ سان چيو: "منهنجي هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪا به عورت صحافي موجود نه هجڻ گهرجي.”
ڀارتي ميزبانن سندس هيءَ "حڪم جهڙي خواهش” فوري طور قبول ڪئي. ان فيصلي تي سڄي ڀارت ۾ احتجاج ٿيو. راهول گانڌي سميت ڪيترن ئي اپوزيشن اڳواڻن ۽ صحافتي تنظيمَن (جهڙوڪ IWPC ۽ NWMI) مودي حڪومت، جئي شنڪر ۽ امير متقي جي سخت نندا ڪئي. ايڊيٽرز گلڊ آف انڊيا هن فيصلو ڀارتي عورت صحافين جي توهين قرار ڏنو. ان وڏي ردِعمل کان پوءِ، جڏهن ٻه ڏينهن پوءِ متقي ٻيهر نئين دهليءَ ۾ افغان سفارتخاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، تڏهن پهرين قطار ۾ 16 عورت صحافيون موجود هيون.امير متقي جي ڀارت دوري تي پاڪستان کي فطري طور تي ڳڻتي ٿي. ڪيترن مبصرن ان دوري کي طالبان حڪومت جي احسان فراموشي قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ متقي پنهنجي تقريرن ۾ پاڪستان خلاف سخت ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا سڀني پاڪستانين کي ڏکوئي وئي. ” سوال اهو ٿو اڀري ته متقي کي ڀارت جي دوري مان آخر مليو ڇا؟ ۽ هو ڀارتي سرزمين تي ويهي پاڪستان خلاف "خالي گولا” ڇو هڻندو رهيو؟
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڀارت ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن کيس ناپسنديدگيءَ سان ڏٺو. ڪرناٽڪ جي وڏي وزير سدھارميا جي پٽ ياتندر ميا ته صاف چيو:
"افغان طالبان ۽ آر ايس ايس جي ڪاررواين ۾ ڪو به فرق ناهي.”
امير متقي، جيڪو ڪڏهن پاڪستان ۾ پنهنجي خاندان سميت مفت جي مانيون کائيندو هو ۽ پاڪستان جي مدرسن ۾ مفت پڙهندو رهيو هو، پنهنجي ڀارتي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڄاڻي واڻي ڪشمير مسئلي تي ڀارت جي موقف جي حمايت ڪئي، جيڪا پاڪستان لاءِ سخت ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي.ڇا ڪو ماڻهو پنهنجي احسان ڪندڙن جي اهڙي بي رحمي سان پٺيءَ ۾ ڇُرو هڻي سگهي ٿو، جيئن متقيءَ هنيو؟ طالبان حڪومت کي ان تي نه شرم آئي نه حياءَ. پر سوال اهو آهي ته متقي کي ان خوشامدي سياست مان حاصل ڇا ٿيو؟ بس ايترو جو ڀارت، پنهنجي مفادن خاطر، ٿوري دير لاءِ کيس پنهنجي "محبتن” سان ڀرپور ڪيو. متقي جي ڪشمير بابت بي بنياد بيان جي انعام ۾ ڀارت اهو اشارو ڏنو ته هو ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا ته ان تي جشن ملهائيندو رهيو ۽ پاڪستان دشمنيءَ ۾ نعره بازين ۾ مصروف رهيو. ان ئي وقت جڏهن متقي ڀارت ۾ هو، پاڪستان جي ڊي جي آءِ ايس پي آر پشاور ۾ هڪ طاقتور پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ افغانستان تي قابض طالبان کي به آئينو ڏيکاريو. ان تي متقي جي پيشانيءَ تي گهنج پئجي ويا. پوءِ اتي ئي خبرون مليون ته ڪابل ۾ اسرارمي ڀرپور ڌماڪا ٿيا، جن ۾ ٻڌايو ويو ته ٽي ٽي پي جو سربراهه نور ولي محسود مارجي ويو آهي، پر اها خبر اڃا تائين تصديق طلب آهي.
ڀارتي ميڊيا انهن ڌماڪن کي بنياد بڻائي متقي کي پاڪستان خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ هو ڀڙڪي به پيو. هن چيو: "اسان جي صبر کي آزمايو نه وڃي. جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي شمشير زنيءَ تي شڪ آهي، ته وڃي برطانوي، سوويت، آمريڪي ۽ ناٽو فوجن کان پڇي.” پر متقي کي شايد اهو وسري ويو هو ته جيڪڏهن پاڪستان انهن جي پٺڀرائي نه ڪري ها، ته اهي ۽ سندن ساٿي نام نهاد "مجاهد” ٻه ٽڪا جا به نه هجن ها.
هيءَ به تلخ حقيقت آهي ته ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق ۽ سندس ساٿين پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ افغان "جهاد” جي باهه ۾ سڄو پاڪستان اُڇلي ڇڏيو. ان جي سزا پاڪستان اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. ٽي ٽي پي ۽ طالبان جي هٿان بيگناهه پاڪستاني ۽ اسان جا بهادر جوان هر روز رت ۾ وهنجي رهيا آهن. انهن دهشتگرد واقعن تي ڀارت خوش ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته افغان طالبان جا اثر رسوخ وارا گروهه پاڪستان اندر تباهي مچائي رهيا آهن. جڏهن امير متقي ڀارت جي دوري تي هو، تڏهن ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت جا چهرا خوشيءَ سان چمڪندا هئا. متقي کي خوش ڪرڻ لاءِ کيس آگرا ۾ تاج محل جي سير ڪرائڻ جو پروگرام به ٺاهيو ويو. هو آگرا به پهچي ويو، پر آخري لمحن ۾ آگرا جي پوليس ڪمشنر کي نئين دهليءَ مان هڪ پراسرار فون آيو، جنهن بعد اهو سير منسوخ ڪيو ويو. سوال اٿي ٿو ته جن طالبانن باميان ۾ ٻڌ جا صديون پراڻا مجسما بم سان اُڏايا ۽ ڪيترن مزارن جي بي حرمتي ڪئي، سي هاڻي تاج محل ڏسڻ ڇو ويا؟ تاج محل به ته هڪ مزار آهي، جتي هڪ مغل بادشاهه جي زال مدفون آهي. متقي کي ڀارت جي دوري مان هڪ ٻيو "تحفو” به مليو هاڻي هو پنهنجي نالي سان "قاسمي” به لکي سگهي ٿو، ڇو ته کيس اهو خطاب اتر پرديش ۾ واقع 160 سالن پراڻي ديني درسگاهه "دارالعلوم ديوبند” پاران ڏنو ويو. ڀارتي خفيه ادارن جي خاص منصوبي تحت متقي کي ديوبند جو دورو به ڪرايو ويو، جتي هن استادن ۽ شاگردن کي چيو: "مان ۽ اسان جي سڄي قيادت اوهان مان ئي آهي.” ساڳئي وقت، جڏهن امير متقي نريندر مودي جي اسلام دشمن نئشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر اجيت ڊوول سان ملي رهيو هو ۽ ديوبند ۾ تقرير ڪري رهيو هو، ڪيترن ئي ماڻهن کي 2016 ۾ ڊوول جا اهي لفظ ياد اچي ويا، جن ۾ هن چيو هو: "اسان پنهنجي مرضي سان طالبان کي استعمال ڪنداسين. طالبان دارالعلوم ديوبند کي دل جي ڪنن سان ٻڌن ٿا. اسان طالبان کي ديوبند ذريعي ڪنٽرول ڪنداسين. طالبان ڪرائي جا سپاهي آهن. اسان انهن تي پئسن جي برسات ڪنداسين ۽ هو اسان جون ڳالهيون مڃيندا به.” اهي لفظ اڄ به يوٽيوب تي ٻڌي سگهجن ٿا.ممتاز دانشور مشاهد حسين سيد پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو: "India is faithfully following the Doval script on using terror proxies against Pakistan.”
يعني "ڀارت ڊوول جي ان منصوبي تي مڪمل عمل پيو ڪري، جنهن ۾ دهشتگردن کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي.” هاڻي شڪ جي ڪا گنجائش نه رهي آهي ته ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جيڪي 12 ۽ 13 آڪٽوبر 2025 جي وچ واري رات (جنهن ڏينهن متقي ڀارت ۾ هو) پاڪستان تي حملا ڪيا، اهي دراصل ڪنهن جي رٿيل راند جو حصو هئا.