قومي سلامتي اجلاس ۾ پختونخوا جي وڏي وزير جي غير حاضري افسوس ناڪ آهي:عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ)اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته عوام تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي هڙتال جي سڏ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ جو اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جي مغربي سرحد تي افغان طالبان جي جارحيت جي تناظر ۾ هڪ اهم  سيڪيورٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ وزيراعليٰ سهيل آفريدي موجود نه هئا، جن جي نمائندگي مزمل اسلم ڪئي.  عطا تارڙ چيو: "پر جڏهن صوبن جي سيڪيورٽي ۽ عوام جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي، ته ان ۾ وزيراعليٰ جي ذاتي موجودگي نهايت ضروري هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.