”ناران ۾ جِن اٿوَ، منهنجي ڪمري ۾ به گهڙي آيا ها“ حرا سومرو مداحن کي خبردار ڪري ڇڏيو

خڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستاني اداڪارا حرا سومرو ناران ۾ جنن جي موجودگيءَ جو دعويٰ ڪئي ڇڏي.
ويجهڙ ۾اداڪارا هڪ نجي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف ۽ دلچسپ موضوعن تي پنهنجا ويچار ونڊيا.
شو دوران ميزبان جي سوال تي اداڪارا قسم کڻي چيو ته ”ناران ۾ جن آهن، مون کي 100 سيڪڙو پڪ آهي ته ناران ۾ جن رهن ٿا ۽ اهو علائقو ڏاڍو ڳرو آهي.“
اداڪارا مداحن کي خبردار ڪندي ٻڌايو ته ”جيڪڏهن توهان کي ناران جي ڪنهن هوٽل ۾ ڪڏهن ڪا عجيب حرڪت يا آواز محسوس ٿئي ته توهان غلط ناهيو.“
حرا سومرو پنهنجي تجربو ونڊيندي هوٽل جو نالو ظاهر نه ڪندي چيو ته ”مان ناران جي هڪ هوٽل ۾ هيس، جتي در بار بار پاڻمرادو کلي ۽ بند ٿي رهيو هو.“
اداڪارا موجب، ناران جي هوٽلن ۾ پَکا ناهن هوندا، جنهن سبب هر آواز چٽو ٻڌي سگهجي ٿو، ٻه ڀيرا منهنجي هوٽل جي واش روم ۾ فليش پاڻمرادو ٿيو، جنهن جي آواز مون واضح انداز ۾ ٻڌو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.