اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 8 خارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج 16 آڪٽوبر تي لڪي مروت جي سلطان خيل واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي پراڪسي خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران 8 خارجي مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز سلطان خيل ۽ طوفان والا جي علائقن ۾ هوائي ۽ زميني نگراني شروع ڪئي، نگراني دوران خارجين جي چر پر جي نشاندهي ٿيڻ تي ترت ڪارروائي ڪئي وئي.
آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 4 ڏينهن دوران افغان طالبان طرفان موڪليل 102 خارجي ماريا ويا آهن.
You might also like