پنجاب ۾ پاور شيئرنگ ۽ بلدياتي قانون سازي تي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ اختلاف برقرار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنجاب حڪومت بابت خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. پ پ چيئرمين وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب، وفد غزا امن معاهدي بابت پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پ پ اسان جي اتحادي پارٽي آهي جنهن سان لاڳاپن کي احترام ۽ قدر جي نظر سان ڏسون ٿا. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، بلاول ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت بابت خدشا وزيراعظم آڏو رکيا جنهن تي وزيراعظم خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري پيدا ٿيل معاملا ويهي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. پ پ جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ سيد علي قاسم گيلاني شامل هئا. ن ليگ طرفان اسحاق ڊار، خواجا آصف، احسن اقبال، عطا تارڙ، راڻا ثناءُالله ۽ ملڪ احمد خان شريڪ هئا. ان کان اڳ ناڻي وزارت ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس ٿيو هو جنهن جي صدارت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪئي. وفد ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ نديم افضل چن شامل هئا. ن ليگ طرفان ملڪ احمد خان، احد چيما ۽ راڻا ثناءُالله شامل هئا. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري گهرو وزير محسن نقوي کي ڪراچي طلب ڪري ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ سياسي رابطن ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، پنجاب ۾ پاور شيئرنگ ۽ مڪاني قانون سازي جي معاملن ۾ اختلاف بدستور حل نه ٿي سگهيا. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پ پ چيئرمين پارٽي جو موقف واضح ۽ چٽي انداز ۾ پيش ڪيو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو وزيراعظم کي ٻڌايو ته وفاق ۽ پنجاب ٻنهي سطحن تي پيپلزپارٽي کي اتحادي جماعت جي طور تي اها اهميت نٿي ڏني وڃي جنهن جي اها حقدار آهي. هن شڪايت ڪئي ته حڪومت سان سهڪار باوجود پارٽي کي فيصلن ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته وفاق ۽ پنجاب ۾ قانون سازي جي عمل تي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت سان هلڻ چاهي ٿي پر موجوده صورتحال ۾ ائين ڪرڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي، مريم نواز جي تعريف جي بدلي پيپلزپارٽي کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. ذريعن موجب ملاقات دوران پنجاب بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. حڪومت جو موقف هو ته پيپلزپارٽي جون اڪثريت شڪايتون ن ليگ جي صوبائي قيادت بابت آهن جن کي قيادت جي سطح تي حل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته پ پ جو موقف آهي ته وفاق پنجاب ۾ قانون سازي تي اعتماد ۾ نٿو وٺي. ذريعن موجب، حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ بيان بازي کان پاسو ڪرڻ ۽ رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي فيصلو ڪيو ته حڪومت سان جاري ڳالهين جي مستقبل جو حتمي فيصلو پارٽي جي مرڪزي ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اي سي) ڪندي. ذريعن موجب ملاقات ۾ پيپلزپارٽي ن ليگ طرفان اتحادي مشاورت نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنجاب پاور شيئرنگ فارمولو پٺ تي رکڻ تي خدشا ظاهر ڪيا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پ پ جا خدشا قيادت سامهون رکڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.