غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي ڪنٽرول هيٺ صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل 30 وڌيڪ فلسطيني شهرين جا مڙهه غزا ۾ انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
صحت واري وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”بين الاقوامي امدادي اداري ريڊ ڪراس 30 وڌيڪ فلسطيني شهرين جي لاشن غزا واپسيءَ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي.“
بيان موجب، اسرائيل طرفان هينئر تائين واپس ڪيل مڙهن جو مجموعي انگ 120 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته طبي عملو لاشن جو معائنو ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن کي سندن وارثن حوالي ڪري سگهجي.
ياد رهي ته جنگبندي واري معاهدي جي شرطن تحت، اسرائيل هر هڪ مارجي ويل اسرائيلي يرغمالي جي بدلي ۾ 15 فلسطيني شهرين جا مڙهه واپس ڪرڻ تي متفق ٿيو آهي.
You might also like