ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽه ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن دوران پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ايف سي جي گڏيل ڪارروائي ۾ 752 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا، ضلعي انتظاميا موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جو ڊيٽا نادرا ۾ داخل ڪيو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ انهن کي چمن روانو ڪيو ويندو، جتان بابِ دوستي ذريعي افغانستان موڪليو ويندو، ڊي سي ڪوئيٽه مهر الله باديني چيو آهي ته اڄ تائين چمن جي رستي هڪ لک پنجهتر هزار کان وڌيڪ افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس موڪليا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان حڪومت جي هدايتن تي پوليس سان گڏجي آپريشن جاري آهي ۽ هي ڪارروائي مسلسل جاري رهندي.