رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پرڏيهي شهرين لاءِ رهائش، ڪاروبار ۽ ملازمت کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ پريميم رهائش اسڪيم جو نئون قانون لاڳو ڪري ڇڏيو، ان قانون تحت سعودي عرب ۾ رهائش لاءِ ڪفيل جو شرط ختم ڪيو ويو آهي، جنهن کي هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
نئين قانون موجب سعودي حڪومت پريميم رهائش جا ٻه قسم متعارف ڪرايا آهن.
پهريون قسم پائيدار (تاحيات) رهائش آهي، جيڪا رڳو هڪ ڀيرو 8 لک سعودي ريال (تقريبن 2 لک 13 هزار آمريڪي ڊالرن) جي ادائيگي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ٻيو قسم قابلِ تجديد رهائش آهي، جنهن جي فيس هر سال لاءِ هڪ لک سعودي ريال (تقريبن 26 هزار 700 آمريڪي ڊالر) مقرر ڪئي وئي آهي.
پريميم رهائش حاصل ڪندڙ پرڏيهين کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جن ۾ بنا ڪفيل جي رهائش، مڪي ۽ مديني کانسواءِ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ملڪيت خريدڻ جي اجازت، ڪاروبار يا ملازمت ڪرڻ جي آزادي، بينڪنگ، تعليمي ۽ طبي سهولتن تائين پهچ ۽ ويزا فري اچ وڃ شامل آهي، پر ان اسڪيم تحت رهائش حاصل ڪندڙن کي سعودي شهريت يا ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هوندو.
ان اسڪيم لاءِ درخواست ڏيڻ جي خواهشمند ماڻهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 21 سال هجڻ گهرجي، انهن وٽ درست پاسپورٽ، تصديقي طبي رپورٽون، صاف عدالتي رڪارڊ ۽ مستحڪم مالي ذريعا هجڻ گهرجن، اميدوار جي سعودي عرب ۾ قانوني طور داخل ٿيل هجي.
درخواست ڏيڻ لاءِ اميدوار سرڪاري ويب سائيٽ تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيندو، آن لائن فارم ڀريندو، گهربل دستاويز اپ لوڊ ڪندو ۽ فيس ادا ڪرڻ کانپوءِ تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪندو، جنهن جو مدو هڪ کان ٽي مهينن تائين ٿي سگهي ٿو.
You might also like