ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان نه ملڪ سان هوندو آهي، جنهن ۾ اسان نمبر ون آهيون.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غزا ۾ ٻارن جي نسل ڪشي ڪئي وئي، صحافين، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي به ماريو ويو، جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪيون ٿا ۽ اميد ته جنگبندي برقرار رهندي.
هن چيو تاريخ گواهه آهي ته هيل تائين سڀ کان وڌيڪ جنگبندين جي ڀڃڪڙي اسان ئي ڪئي آهي، اميد ته سڄي مسلم امت ڏسندي ته ان سيز فائر کي نه ٽوڙيو وڃي، خوف آهي ته هن ڀيري به دوکو نه ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته خيرپور اڪنامڪ زون دنيا جي بهترين اڪنامڪ زونز ۾ موجود آهي، سنڌ حڪومت قائم علي شاهه جي دور ۾ اهو خاص اڪنامڪ زون شروع ڪيو، اهو سنڌ حڪومت جو هڪ ڪارنامو آهي، جيڪو عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اها ملڪ جي ڪاميابي آهي ۽ اسان کي ان ڪاميابي تي فخر هجڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان ته آهي ئي نه، مقابلو ملڪ سان هوندو آهي، جنن ۾ اسان نمبر ون آهيون، بي آءِ ايس پي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويندو آهي، دنيا جي وڏن ملڪن وٽ اهڙو پروگرام ناهي جيڪو اسان وٽ آهي، سنڌ ۾ 20 لک گهر تعمير ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ڪنهن ٻئي سان نه دنيا سان مقابلو ڪندي آهي.
اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like