بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معدنياتي نمونن بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب چين ۽ پاڪستان هر موسم جا اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط دوستي سخت آزمائشن دوران پوري لٿي آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل مفادن بابت اهم معاملن تي اعليٰ سطح جو اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ ويجها رابطا قائم رکيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مائننگ سهڪار تي رابطي ۾ آهيون، پاڪستان خاطري ڪرائي آهي ته ان جا آمريڪا سان لاڳاپا چين جي مفادن يا گڏيل سهڪار کي نقصان نه پهچائيندا.
ترجمان چيو ته پاڪستاني قيادت آمريڪي اڳواڻن کي جيڪي نمونا ڏيکاريا، اهي مقامي طور تي خريد ڪيل قيمتي پٿرن جا هئا، ان بابت ايندڙ خبرون غلط ڄاڻ تي ٻڌل آهن يا وري بي بنياد آهن، اها چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وٿي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
سندس چوڻ هو ته چين جي تازي ايئر ارٿ ايڪسپورٽ ڪنٽرول قدمن جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي، اهو چيني حڪومت طرفان پنهنجي برآمدي ڪنٽرول جي نظام کي قانونن ۽ ضابطن موجب بهتر ڪرڻ جو قدم آهي، ان جو مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جو بهتر طور دفاع ڪرڻ ۽ عدم پکيڙ ۽ ٻين عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ آهي.
پاڪستان خاطري ڪرائي آهي ته آمريڪا سان ان جا لاڳاپا بيجنگ جي مفادن کي نقصان نه پهچائيندا: چين
You might also like