سون اڄ 6900 رپيا مهانگو، تولي جو تاريخي اگهه ڪٿي پهتو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ في تولو سون جي قيمت ۾ 6900 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافا جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 6900 رپيا مهانگو ٿيڻ کان پوءِ 4 لک 35 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 5916 رپيا اضافي سان 3 لک 73 هزار 28 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون 69 ڊالر واڌ بعد 4140 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.