ڪراچي ۾ آپريشن،غيرقانوني رهندڙ 21 افغاني گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين خلاف آپريشن ۾ 21 کان وڌيڪ افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو, پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ سهراب ڳوٺ پوليس گڏيل طور تي آپريشن ۾ حصو ورتو.ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن سهرابڳوٺ ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ ڪيو ويو، جتي علائقي جي داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن کي سيل ڪيو ويو ۽ گهر گهر تلاشي ورتي وئي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سوشل ميڊيا تي غلط خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.