مک گالفر کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو! دنگ ڪري ڇڏيندڙ واقعو

سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي رانديون آهن ۽ انهن جا ڪروڙين شوقين به آهن، مختلف راندين ۾ جڏهن ڪو رانديگر ڪو ڪارنامو انجام ڏيندو آهي ته کيس انعام سان نوازيو ويندو آهي.
اهڙي ئي هڪ راند، جنهن دوران پيش آيل واقعي نه رڳو رانديگر پر اتي موجود تماشائين کي به حيران ڪري ڇڏيو، ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهي آهي.
ٿيو ائين ته ميدان ۾ جڏهن رانديگر جي مهارت ناڪام ٿي ته هڪ مک قدرت جو ڪرشمو بڻجي آئي ۽ ان رانديگر کي سيڪنڊن ۾ ڪروڙين رپين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو.
اهو حيرت جوڳو واقعو گالف ڪورٽ ۾ پيش آيو، جتي برطانوي گالفر بي ايم ڊبليو چيمپيئن شپ ۾ هڪ مک جي مدد سان 9 لک 10 هزار ڊالر (25 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کٽي ويو.
اها چيمپيئن شپ گذريل مهيني آمريڪي شهر ميري لينڊ ۾ ٿي، جنهن ۾ برطانوي گالفر ٽومي فليٽ ووڊ هڪ شاٽ کيڏي، پر بال سوراخ کان رڳو سينٽي ميٽر جي فرق سان رڪجي ويو.
ٽومي پنهنجي شاٽ ناڪام ٿيڻ تي ڏکارو به ٿيو پر ان موقعي تي هڪ عام مک اچي بال تي ويٺي ۽ ٽومي فليٽ جي قسمت جاڳي پئي.
بال مک جي معمولي وزن سان حرڪت ۾ آيو ۽ اڳتي وڌي سوراخ ۾ هليو ويو.
اهو منظر ڏسي نه رڳو گالفر به شوقين ۽ انتظاميا به دنگ رهجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.