اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙي چيو آهي ٽي وي هلايو ته خوشي سان ٻڌايو ويندو آهي 100 ملين قرض ملي ويو پر اهڙن قرضن جو ڪهڙو فائدو جنهن سان ملڪ ئي ويهي وڃي.
سيف الله ابڙي جي صدارت هيٺ اقتصادي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان هيل تائين ورتل قرضن جو معاملو بحث هيٺ آيو.
سينيٽر سيف الله ابڙي چيو صبح جو ٽي وي هلايو ته خوشي سان ٻڌايو ويندو آهي 100 ملين قرض ملي ويو، قرض جي خوشي ائين ٻڌائي ويندي آهي ڄڻ پٽ ڄائو هجي، مصيبت اها آهي ته قرض لاهڻ لاءِ قرض ورتو ويندو آهي پر اهڙن قرضن جو ڪهڙو فائدو، جنهن سان ملڪ ئي ويهي وڃي.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته اسان 1958 کان قرض جا تفصيل گهريا هئا، اسٽيٽ بينڪ اختيارين چيو ته 2008 کان سموري ڊيٽا تفصيلن سان گڏ موجود آهي، 2008 کان 2025 تائين جي سموري ڊيٽا آٽوميشن کانپوءِ موجود آهي، ان کان اڳ جي ڊيٽا مينول هئي، فائل ڳولڻ ڏکيو هوندو.
چيئرمين چيو توهان ائين ڪيو جو 2008 کان هيل تائين جي سموري ڊيٽا فراهم ڪيو، ڇو ته 2008 کانپوءِ نئون پاڪستان پراڻو پاڪستان ڪيترائي پاڪستان ٺهيا آهن.
پوءِ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ سموري ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
قرض لاهڻ لاءِ قرض وٺي ان تي خوشي ملهائي ويندي آهي پر ڪهڙو فائدو: سينيٽر سيف الله ابڙو
You might also like