وائرليس ڪميونيڪيشن جو نيڪسٽ جنريشن ورزن واءِ فاءِ 7 اڃا مڪمل طور تي متعارف نه ٿيو آهي، پر ان کان پوءِ ايندڙ ورزن جي تياري تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.
ٽي پي لنڪ واءِ فاءِ جي نيڪسٽ جنريشن اسٽينڊرڊ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي.
ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هن واءِ فاءِ 8 هارڊويئر جو شروعاتي پروٽوٽائپ ڪاميابي سان ٽيسٽ ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ٽيسٽ جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن، پر ڪمپني ٻڌايو ته واءِ فاءِ 8 (802.11bn) جي ڊيٽا ٽرانسفر صلاحيت مستقبل جي پراڊڪٽس جي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿي.
بيان موجب، هي پروٽوٽائپ هارڊويئر صنعت جي ڀائيوارن سان گڏجي تيار ڪيو ويو ۽ اميد آهي ته ان سان لاڳاپيل ڊوائسز واءِ فاءِ 8 جي تصديق کان اڳ دستياب هونديون.
انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرڪل اينڊ اليڪٽرونڪس انجنيئرز جي موجب، 2028 ۾ واءِ فاءِ 8 اسٽينڊرڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.
ان کان اڳ جولاءِ 2025 ۾ ڪوئلڪم هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو هو ته نئين واءِ فاءِ اسٽينڊرڊ جو مقصد رڳو تيز بينڊوڊٿ نه، پر ڊوائسز کي آن لائين رکڻ ۽ مستحڪم ڪنيڪشن مهيا ڪرڻ آهي.
واءِ فاءِ 7 وانگر، واءِ فاءِ 8 ۾ پڻ 2.4 گيگا هرٽز، 5 گيگا هرٽز ۽ 6 گيگا هرٽز بينڊ استعمال ٿيندا ۽ 23 جِي بِي پِي ايس تائين ڊيٽا اسپيڊ فراهم ڪئي ويندي.
پر بنيادي مقصد حقيقي دنيا ۾ واءِ فاءِ جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪنيڪشن جو استحڪام برقرار رکڻ آهي، يعني گهٽ سگنل تي به بهتر سروس فراهم ڪرڻ هوندو.
پراڻن اسٽينڊرڊز جي ڀيٽ ۾ واءِ فاءِ 8 سان هڪ وقت ۾ وڌيڪ ڊوائسز استعمال ڪري سگهجن ٿيون، جنهن ذريعي واهپيدارن کي گيمنگ ۽ اسٽريمنگ جو بهتر تجربو ملندو ۽ انٽرنيٽ فريز ٿيڻ جو خطرو گهٽجي ويندو.
You might also like