مراد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مقامي ڪرڪيٽر پنهنجي ٽيم کي ميچ کٽڻ کان پوءِ مبينا طور دل جو دوري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو .
پرڏيهي خابرو اداري موجب،ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي مرادآباد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران هڪ سينيئر بالر ميچ کٽرائڻ کان ستت پوءِ ميدان تي ڪِري پيو.
رپورٽن موجب، واقعو آچر ڏينهن پيش آيو، جتي اتر پرديش ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن تحت مرادآباد ۽ سنڀل جي ٽيمن وچ ۾ ميچ جاري هئي.
ميچ جي آخري اوور دوران سنڀل جي ٽيم کي مرادآباد خلاف کٽڻ لاءِ آخري چئن بالن تي 14 رنس گهربل هيون.
ان موقعي تي مرادآباد جو سينيئر ليٽ آرم فاسٽ بولر احمر خان شاندار بالنگ ڪئي ۽ سندس ٽيم اِها ميچ يارنهن رنسن تان کٽي ورتي.
پر اوور جي آخري بال ڪرائڻ کان پوءِ احمر خان اوچتو پچ تي ڪري پيا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب، احمر خان جي ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ، هو پچ تي ويهي رهيو ۽ اوچتو بيهوش ٿي ڪِري ڪري پيو.
ميدان تي موجود ڊاڪٽر سي پي آر شروع ڪيو ۽ پوءِ کيس ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
ميڊيا رپورٽن موجب، احمر خان مرادآباد جي ڪرڪيٽ جو مشهور نالو هو. هو ڪيئي ورهين کان ويٽرنز ڪرڪيٽ سان واڳيل هو ۽ شاندار اسپورٽس مين اسپرٽ سبب تمام گهڻو مقبول هو.
You might also like