پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جو اميدوار سهيل آفريدي 90 ووٽ کڻي خيبر پختونخوا جو 30 هون وڏو وزير چونڊجي ويو.
قائدِ ايوان چونڊجڻ کان پوءِ سهيل آفريدي خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهي جنهن هڪ عام ورڪر کي جنهن جو نه ڀاءُ، نه پيءُ ۽ نه ئي چاچو سياست ۾ آهي، هن عهدي لاءِ چونڊيو.
هن چيو ته هو پرچي ذريعي وزيراعليٰ نه بڻيو، محنت ڪري هتي پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان سڀ کان پهريان پاڪستاني، پوءِ پختون ۽ قبائلي آهيان، نالي سان زرداري يا ڀٽو لڳائڻ سان ڪو ليڊر ناهي بڻجي ويندو.
خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊا پور چيو ته عمران خان هن کي وڏو وزير بڻايو هو ۽ جنهن ڏينهن چيو، ان ڏينهن پنهنجي ليڊر جي هدايت تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هن چيو ته جمھوري عمل کي مذاق نه بڻايو وڃي، جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو اِهو وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين.
علي امين گنڊا پور چيو ته 19 مهينن ۾ جيڪي ڪم ڪيا اِهي سڀ رڪارڊ تي آهن، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته رڳو 18 ڏينهن جي پگهار هئي، اڄ صوبي جي خزاني ۾ 218 ارب رپيا موجود آهن.
هن چيو ته اپوزيشن کي شڪايت هوندي ته مون کين فنڊ نه ڏنا، پر عوام خوش آهن ڇو ته مون پيسو عوام تي لڳايو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اسان لاءِ ۽ اسان جي نسلن لاءِ قرباني ڏئي رهيو آهي ۽ اسان پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺو آهيون.
اسپيڪر بابر سليم سواتي رولنگ پڙهندي چيو ته نئين قائد ايوان جو طريقيڪار آئين موجب هوندو ۽ پوءِ چونڊيل وڏي وزير جو نالو اعلان ڪيو ويندو.
اسپيڪر خيبرپختونخوا اسيمبلي نئون قائد ايوان چونڊڻ جو طريقو ٻڌايو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي ۽ 90 ايم پي ايز سهيل آفريدي کي نئون قائد ايوان چونڊيو.
چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر بابر سليم سواتي اعلان ڪيو ته صوبائي اسيمبليءَ جي پي ڪي 70 جي رڪن سهيل آفريدي 145 ميمبرن جي ايوان ۾ 90 ووٽ کڻي خيبر پختونخوا جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.
واضح رهي ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ڪل 145 ميمبر آهن، جن مان حڪومت جا 93 ۽ مخالف ڌر جا 52 ميمبر آهن. قائد ايوان چونڊڻ لاءِ 73 ووٽ گهربل هئا.
اپوزيشن اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عبادالله چيو ته علي امين گنڊا پور جي استعيفيٰ اڃا منظور ناهي ٿي، هڪ وڏي وزير جي هوندي ٻيو وڏو وزير نه ٿو چونڊي سگهجي.
You might also like