ٽڪ ٽاڪ جي طرفان نابالغ ٻارن کي جنسي مواد ڏيڻ لاءِ هرکائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب انساني حقن جي تنظيم طرفان ڪئي ويندڙ هڪ تحقيق سان خبر پئي آهي ته ٽڪ ٽاڪ پنهنجي ضابطن جي ابتڙ ”ريسٽرڪٽڊ اڪائونٽس“ تي به ٻارن کي جنسي مواد سجيسٽ ڪندو آهي.
رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم ٻارن جي اڪائونٽن کي فحش ۽ انتهائي جنسي مواد ڏسڻ جون تجويزون ڏيندو آهي.
تحقيق دوران ماهرن ٻارن جا جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ۽ حفاظتي سيٽنگز به آن ڪيون پر پوءِ به کين جنسي مواد جي سرچ جون تجويزون مليون.
ماهرن موجب نابالغ ٻارن جي اڪائونٽن تي عورتن کي نامناسب ۽ فحش انداز ۾ ڏيکاريندڙ تصويرن ۽ وڊيوز سميت انتهائي سنگين نوعيت جون فحش وڊيوز ڏسڻ جون تجويزون به مليون.
تحقيق ڪندڙن ٽڪ ٽاڪ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته کين ٻارن جي اڪائونٽن تي اهڙي مواد جون تجويزون ڏسي انتهائي صدمو پهتو، ٽڪ ٽاڪ ٻارن کي نامناسب مواد کان بچائڻ جون ڪوششون نه پيو ڪري.
هوڏانهن ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته ان وٽ 50 کان وڌيڪ فيچر آهن، جيڪي ٽين ايجرز جي اڪائونٽن کي محفوظ رکندا آهن.
Prev Post
You might also like