دادو (ويب ڊيسڪ) اُمِ رُباب چانڊيو چيو آهي ته ٽيڻي قتل واري ڪيس ۾ جوابدارن جا ڪوڙا بيان هاڻي وائکا ٿي چڪا آهن.
دادو ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد حسن ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾ ايم اين اي غلام رسول چانڊيو، ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ الزام هيٺ آيل ايم پي اي سردار احمد چانڊيو پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا.
ايم اين اي غلام رسول چانڊيو عدالت آڏو شاهدي ڏني، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
ڪيس ۾ اڳڀرائي تي اُمِ رُباب چانڊيو شُڪر جو سجدو به ادا ڪيو ۽ چيو ته سجدو ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته جوابدار جي شاهد ڪيس کان هٽي ڪري شاهدي ڏني آهي.
هن چيو ته سردار احمد چانڊيو جي دعويٰ هئي ته واقعي واري ڏينهن هو بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ هو، جڏهن ته شاهد بيان ڏنو ته جلسو ٿيو ئي نه هو.
اُمِ رُباب چانڊيو چيو ته ٽيڻي قتل واري ڪيس ۾ جوابدارن جا ڪوڙا بيان هاڻي وائکا ٿي چڪا آهن.
ياد رهي ته 7 سال اڳ اُمِ رُباب چانڊيو جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي کي ميهڙ ۾ هٿياربند جوابدارن قتل ڪيو هو، ان ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ٻن ايم پي ايز سميت 8 جوابدار نامزد آهن.
You might also like