لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو سربراهه جيل ۾هوندي اڄ به دهشتگردن کي سپورٽ ڪري ٿو ۽ تاثر آهي ته ٽي ٽي پي پي ٽي آءِ جو عسڪري ونگ بڻجي چڪي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ڪجهه ماڻهو خيبرپختونخوا ۾ امن جي بحالي ۾ رنڊڪ آهن، شرپسند چاهين ٿا ته حالتون ڪنهن به نموني خراب ٿين، پوري قوم دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ متحد ٿي، آپريشن ردِ الفساد ۽ ضربِ عضب جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو.
هن چيو ته ”تحريڪِ انتشار سمجهي ٿي ته دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ ۾ ئي ڀلائي آهي، اها جماعت سوچيل سمجهايل منصوبي تحت دهشتگردن کي آڻي رهايو، جيل قيد همراهه جي خواهش آهي ته لاشن تي سياست ڪيئن چمڪائي وڃي.“
وفاقي وزير چيو ته رياست فيصلو ڪري چُڪي آهي ته دهشتگردن کي شڪست ڏيندي، دهشتگردن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي جي وڌيڪ گنجائش ناهي، دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اسان سڪون سان نه ويهنداسين.
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جو سربراهه جيل ۾ ويٺي اڄ به دهشتگردن کي سپورٽ ڪري ٿو، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس پارٽي عالمي ميڊيا جي سامهون ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي ڳالهه ڪئي.
You might also like