ڪابل (م ڊ) افغانستان جي وزارتِ دفاع پاڪستان تي هڪ ڀيرو ٻيهر فضائي حدن جي خلاف ورزي ۽ ڪابل سميت پکتیکا جي علائقي ۾ هوائي بمباري جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته پاڪستان طرفان هن الزامن تي ڪا واضع تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي. افغان وزارتِ دفاع پاران سماجي ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني فضائيه مبينا طور تي ڪابل ۽ ڊيورنڊ لائن جي ويجهو پڪتيڪا جي هڪ بازار تي بمباري ڪئي، جيڪا افغانستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. هي الزام اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سوشل ميڊيا تي خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات پاڪستان طرفان ڪابل ۾ ڊرون ۽ فضائي حملا ڪرڻ جون رپورٽون گردش ڪري رهيون هيون. جمعي جي ڏينهن پشاور ۾ ٿيل اهم پريس ڪانفرنس دوران، پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان جڏهن هن معاملي بابت سوال ڪيو ويو ته هن نه ته ان جي تصديق ڪئي ۽ نه ترديد.هن مختصر ردعمل ڏيندي چيو ته "پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به کنيا ويندا. ترجمان وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ دعوائن تي حڪومت جي طرفان ڪو باضابطه بيان سامهون نه آيو آهي.
You might also like