نئين دهلي (م ڊ) ڀارت پاران ڪابل ۾ سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڀارت افغانستان جي گادي واري شهرڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو اعلان ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جَي شنڪرنئين دهلي ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٻطرفي ملاقات دوران ڪيو، شنڪر چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ڪابل ۾ ڀارت جو ٽيڪنيڪل مشن هاڻي سفارتخاني جي حيثيت ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، ڀارت آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ بعد ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪيو هو، ملاقات دوران ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته توهان جو دورو ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن لاءِ انتهائي اهم آهي، ڀارت، افغانستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري ڀائيواري لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو ته ايران ۾ موجود چابهار بندرگاهه هڪ بهترين واپاري رستو آهي ۽ هندستان ۽ افغانستان کي گڏجي ان رستي پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران امير خان متقي چيو ته آمريڪي پابندين سبب ڪجهه مسئلا موجود آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن کي گڏجي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي.