صبا قمر ڏاڍي وڻي ٿي، ريشم کان ڪم نه ٿو پُڄي، حرا مانيءَ کي زندگيءَ جا مزا ماڻڻ ڏيو: سليم معراج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار سليم معراج پنهنجي ساٿي اداڪارا حرا ماني جي وڊيوز ۽ تصويرن تي تنقيد ڪندڙ ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن اداڪارا هن عمر ۾ پنهنجي زندگي مان مزا وٺڻ چاهي ٿي ته کيس انجواءِ ڪرڻ ڏيو، مٿس تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.
سليم معراج تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ٽِڪ ٽاڪرز يا ٻين سوشل ميڊيا اسٽارز کي اداڪاري جا موقعا ڏيڻ تي تنقيد غلط آهي، سوشل ميڊيا اسٽارز پنهنجي ٽيلنٽ جي بنياد تي اداڪاري ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ماضيءَ ۾ ته سوشل ميڊيا به نه هئي ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪو سوشل ميڊيا تي سٺو ڪم ڪري ٿو ته ان ۾ ڪا برائي نه آهي، اسان کي دل وڏي ڪرڻ گهرجي.
هن مثال ڏنو ته جيڪڏهن هانيه عامر سوشل ميڊيا مان آئي آهي ۽ هوءَ سٺو ڪم ڪري رهي آهي ته ٻيا ماڻهو به ائين ئي آهن، جن نوجوانن سان به هن ڪم ڪيو آهي، اهي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
سليم معراج جو چوڻ هو ته جيڪي ڪردار هن پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪيا هئا، هاڻي اهڙن ڪردارن لاءِ نوان ۽ نوجوان ٻار گهربل آهن ۽ ٽڪ ٽاڪرز اها ضرورت پوري ڪري رهيا آهن.
پروگرام جي هڪ سيگمينٽ ۾ هن چيو ته کيس صبا قمر تمام گهڻي پسند آهي، تنهنڪري هوءَ کيس 10 مان 10 نمبر ڏيندو.
ساڳئي سيگمينٽ ۾ هن چيو ته هن مومنه اقبال سان ڪم نه ڪيو آهي، انڪري هو سندس بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهي.
هن حبا بخاري کي 10 مان 6 نمبر ڏنا ۽ چيو ته جيتوڻيڪ هوءَ سٺي اداڪارا آهي، پر کيس خاص پسند نه آهي.
اداڪارا ريشم کي 10 مان 5 نمبر ڏيندي سليم معراج چيو ته ماضي ۾ هوءَ کيس تمام ڏاڍي وڻندي هئي، پر هاڻي کيس پسند نه آهي، هاڻي کيس اداڪاري به نٿي اچي.
هن چيو ته ماضي ۾ سڀني کي لڳو ته ريشم سٺي اداڪارا بڻجندي، ڇاڪاڻ ته هوءَ فلمن ۾ سٺو ڪم ڪري رهي هئي، پر ائين نه ٿي سگهيو، هاڻي هن کان اداڪاري نه پئي ٿئي.
ساڳئي سيگمينٽ ۾ هن صائمه نور کي به پسنديده ۽ بهترين اداڪارا قرار ڏيندي چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ سندس اداڪاري وڌيڪ نکار آيو آهي.
سليم معراج ٻڌايو ته صائمه نور کيس ٻالڪپڻ کان پسند آهي، هوءَ سندس فلمون ڏسندو هو، هاڻي ”مين منٽو نهين هون“ ۾ به هوءَ شاندار اداڪاري ڪري رهي آهي.
ان ئي سيگمينٽ ۾ هن حرا ماني کي به 10 مان 6 نمبر ڏيندي چيو ته هوءَ سندس ساٿي اداڪارا رهي آهي ۽ بهترين ڪم ڪندي آهي.
اداڪارا جي لباس ۽ وڊيوز تي تنقيد بابت سوال تي سليم معراج چيو ته عام طور تي به حرا ماني ساڙهي ۽ اهڙو لباس پائي ٿي جيڪو هوءَ وڊيوز ۾ پائيندي آهي، انڪري مٿس تنقيد ڪرڻ فضول ڳالهه آهي.
هن چيو ته حرا ۽ ماني بهترين شخصيت آهي، ساڻس سٺا لاڳاپا آهن، پر ماڻهن جي اداڪارا تي تنقيد غلط آهي.
سليم معراج چيو ته جيڪڏهن حرا ماني هن عمر ۾ پنهنجي زندگيءَ جا مزا وٺي انجواءِ ڪرڻ چاهي ٿي ته ماڻهن کي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.
هن حرا ماني کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن هوءَ ٿورو احتياط کان ڪم وٺندي اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.