ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۾ ملوث لياري گينگ وار جي مک ڪردار وصي الله لاکو ۽ عبدالصمد ڪاٺياواڙي هن وقت ايران ۾ موجود آهن ۽ حڪومت کين ايران مان واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪندي.
ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جو مسئلو سنجيده نوعيت جو آهي ۽ سنڌ حڪومت هميشه اهو چاھيو آهي ته شهر ۾ واپاري برادري کي محفوظ ماحول ملي.
هن چيوته واپارين کي ڀتو ڏيندڙن جي ڌمڪين تي اسپيشل انويسٽيگيشن ۽ ضلعي پوليس ڪارروايون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن دوران 4 ڀتوخور ماريا ويا آهن ۽ 3 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سندس چوڻ هوته ڀتا خوري ۾ ملوث عبدالصمد ڪاٺياواڙي ايران مان آپريٽ ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت وفاقي گهرو وزارت کي سندس ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ خط پڻ لکيو آهي، اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ طرفان هڪ ويب پورٽل پڻ ٺاهي وئي آهي، جتي واپاري برادري پنهنجون شڪايتون ڏئي سگهي ٿي.
ضياءَ لنجار چيو ته پنجاب ۾ موٽر وي تي 8 ڪلاڪن تائين ڦر ۽ ڌاڙن جا واقعا ٿيندا رهيا، جتي ڏوهاري کلي عام ماڻهن کي لٽيندا، ماريندا ۽ 12 ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويو جن ۾ سندن ئي علائقي جا ماڻهو شامل هئا، پر ڪنهن ۾ اِها جرئت نه هئي ته اها خبر ميڊيا تي هلائي، جڏهن ته اسان جي پوليس ڪاميابيون ماڻيون، پوليس آفيسر سپاهي وانگر ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ڪچي وارن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، اهي ڏوهاري پناهه گهري رهيا آهن، پر گرفتاري تڏهن ڏين ٿا، جڏهن سندن گهيرو تنگ ڪيو وڃي ٿو، اسان جي پوليس ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ جيڪي ڏوهاري گرفتاري ڏئي رهيا آهن، انهن جي سِرن تي 5 لک کان 1 ڪروڙ انعام آهي.
گهرو وزير موجب، وڏي وزير سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي پاليسي تيار ڪئي آهي، جنهن تحت جيڪو به ڏوهاري گرفتاري ڏيندو، کيس عدالتي ڪارروائين کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ کيس عام معافي نه ملندي.
سنڌ پوليس جا آفيسر سپاهين وانگر ڪم پيا ڪن، ڏوهاري پناهه گهري رهيا آهن، ڪچي جي ڌاڙيلن کي رعايت نه ملندي: گهرو وزير
Prev Post
You might also like